GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ايندڙ وقت ۾ موسمياتي تبديلي تمام وڏو چئلينج هوندو، اسان کي پنهنجي نسلن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻا پوندا: عطاءُ الله تارڙ

image

اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ايندڙ وقت ۾ موسمياتي تبديلي تمام وڏو چئلينج هوندو، اسان کي پنهنجي نسلن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي اهتمام هيٺ مارگلا هلز ۾ وڻڪاري مهم جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد جو شمار خوبصورت ترين شهرن ۾ ٿئي ٿو، اسان کي فخر آهي ته اسلام آباد اسان جو ڪيپيٽل آهي، دنيا جا ڪيترائي ملڪ ٻين ملڪن کان وڻ ۽ گاهه درآمد ڪري پنهنجي ملڪ ۾لڳائين ٿا، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته هن اسان کي خوبصورت گادي واري شهر سان نوازيو. هن چيو ته مارگلا نيشنل پارڪ اسلام آباد جي سڃاڻپ آهي جنهن تي اسان فخر ڪريون ٿا. هن چيو ته وڻ زندگي جي علامت آهن، وڻ آهن ته اسان آهيون، اسان خوشنصيب آهيون ته اسان جو گهڻو وقت اسلام آباد ۾ گذري ٿو، اسلام آباد ۾ هوا جو معيار باقي شهرن کان بهتر آهي. هتي وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ سان ماحول ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته ”سيلفي ود اي ٽري“ جي نالي سان وڻڪاري مهم شروع ڪئي پئي وڃي. اسلام آباد جي شهرين کي گذارش آهي ته اهي وڌ کان وڌ وڻ ۽ ٻوٽا لڳائين. اطلاعات واري وفاقي وزير تجويز ڏني ته وفاقي گادي واري شهر ۾ گرين روف ٽاپ پراجيڪٽ شروع ڪيو وڃي، دنيا جا ڪيترائي ملڪ روف گرين ٽاپ طرف وڃي رهيا آهن، اسلام آباد ۾ روف ٽاپ تي بي پناهه جڳهه موجود آهي جتي ٻوٽا ۽ وڻ لڳائي سگهجن ٿا. هن چيو ته گرين روف ٽاپ سان پورو اسلام آباد سرسبز نظر ايندو. اطلاعات واري وفاقي وزير مارگلا نيشنل پارڪ ۾ باهه لڳڻ جي واقعن جو ذڪر ڪندي چيو ته باهه لڳڻ جي ڪري نقصان به ٿيو پر سي ڊي اي، موسمياتي تبديلي واري وزارت، فائربرگيڊ، ٻيلن واري کاتي جي ٽيمن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته انهن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي رات دير تائين باهه وسائڻ جون ڪوششون ڪيون، جيڪڏهن ڪٿي ڪو تخريبڪاري جو عنصر موجود هو ته ان جي خلاف ڪارروائي به ڪئي وئي. هن چيو ته ايندڙ وقتن ۾ موسمياتي تبديلي تمام وڏو چئلينج هوندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو ڪاربن جي اخراج ۾ رڳو 2 سيڪڙو حصو آهي پر ان جو 90 سيڪڙو نقصان اسان برداشت ڪريون ٿا. اسان وٽ ٻوڏ اچي ٿي، هوا جو معيار خراب ٿئي ٿو ته ان ۾ اسان جو ڏوهه نه آهي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪاربن جو اخراج وڌيڪ آهي جنهن جي ڪري ماحول کي وڌيڪ نقصان پهچي ٿو، انهن ملڪن تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي پاڪستان حڪومت سان تعاون ڪن. هن چيو ته موسمياتي تبديلي پوري انسانيت جو مسئلو آهي، انسانيت ۽ مستقبل جي نسلن جي خاطر اسان کي وڌي چڙهي وڻڪاري ۾ حصو وٺڻو پوندو ۽ ان کي قومي ذميواري ۽ ايندڙ نسلن جو مسئلو سمجهي سنجيدگي سان سرانجام ڏيڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن سميت ٻين جاين تي وڻڪاري مهم جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مارگلا نيشنل پارڪ جي حفاظت ڪرڻ به اسان جي ذميواري آهي. اسلام آباد جا شهري ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وفاقي وزير چيو ته ”ٽريڪ يور ٽري“ جي نالي سان جلد ايپلي ڪيشن لانچ ٿيندي، ان جي ويب سائيٽ اڳ ۾ ئي موجود آهي، ان ايپلي ڪيشن ذريعي شهري پنهنجي لڳايل ٻوٽي ۽ وڻ جي واڌويجهه ڏسي سگهندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي بقاءَ وڻن سان آهي، اسان کي وڻ لڳائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ حڪومت اسلام آباد جي ماحول کي صاف رکڻ ۽ اتي وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته هر شهري جي ذميواري آهي ته هو وڻ لڳائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن کي چيو ته اها ٽي وي چينلز جي ٽاڪ شوز ۾ خصوصي پروگرام جو اهتمام ڪري ته جيئن عوام ۾ وڻ لڳائڻ جي اهميت بابت آگاهي پيدا ڪئي وڃي. هن چيو ته ميڊيا معاشري جي ذهن سازي ڪري ٿي ۽ معاشري جي مسئلن کي اجاگر ڪري ٿي. سمورا ٽي وي چينلز پنهنجي آفيسز ۾ ٽري پلانٽيشن مهم جي شروعات ڪن. جيڪڏهن انهن وٽ جڳهه نه آهي ته ان جي لاءِ هتي جڳهه مخصوص ڪئي ويندي. سڀئي ٽي وي چينلز هتي اچن ۽ وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺن. هن چيو ته جيڪڏهن ان ڪم کي تيزي سان نه ڪيو ويو ته خدا نه ڪري هڪ وقت ايندو اسان کي ساهه کڻڻ جي لاءِ آڪسيجن سيلينڊر کڻڻا پوندا. هن چيو ته ڪوويڊ 19 جي دوران سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون لڳو، ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا، اسان جي ذميواري آهي ته اسان پنهنجي آبهوا کي صاف رکون، وڌ کان وڌ وڻ لڳايون ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻايون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو ڪابينا جي سمورن ميمبرن کي تجويز ڏي ٿو ته اهي هر وزارت ۾ وڻ لڳائڻ جو شيڊيول تيار ڪن جتي ماڻهن کي وڻ لڳائڻ جي ترغيب ڏئي سگهجي.

مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں