GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ملڪي معيشت استحڪام سان اؤسر طرف گامزن آهي،: ناڻي وزارت

image

اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو ته ملڪي معيشت استحڪام سان اؤسر طرف گامزن آهي، اهم اقتصادي اهڃاڻ مثبت رُخ ۾ اڳيان وڌي رهيا آهن، واپاري ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي جڏهن ته ملڪي روانگي واپار ۽ پرڏيهه مان آيل ناڻي ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ مهانگائي جي شرح 8 کان 9 سيڪڙو وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي. اها ڳالهه ناڻي وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ ۾ ٻُڌائي وئي آهي. ناڻي وزارت مطابق وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ آهستي آهستي واڌ ٿي رهي آهي، اهم ايڪسپورٽ شعبي پيداوار ۾ واڌ لاءِ تيار آهيون جنهن جو بنيادي ڪارڻ مستحڪم ايڪسچينج ريٽ، ناڻي اؤسر جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي فراهمي آهي، مانيٽرنگ پاليسي ۾ نرمي سبب سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي، عالمي معيشت جي استحڪام سان جٽادار صنعتي ترقيءَ جو عمل وڌيڪ بهتر ٿيندو. ناڻي وزارت چيو ته خريف 2024ع جي فصلن جو ڀاڙڻ موسمياتي عملن تي آهي. سيپٽمبر ۾ ملڪي روانگي واپار 2.5 ارب ڊالر کان وٺي 3 ارب ڊالر ۽ ايڪسپورٽ 4.5 ارب ڊالرن کان وٺي 5 ارب ڊالرن تائين رهڻ جو امڪان آهي، اهڙيءَ طرح پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 2.7 ارب ڊالر کان وٺي 3.2 ارب ڊالرن وچ ۾ رهندو. ناڻي وزارت طرفان جاري اقتصادي اپ ڊيٽ موجب جاري مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۾ 44 سيڪڙو جي واڌ ٿي، مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 5.93 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 4.124 ارب ڊالر هو. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ملڪي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 4.862 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 4.536 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 7.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ايڪسپورٽ جو ڳاڻيٽو 9.53 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 8.37 ارب ڊالر هو. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جي خسارو 171 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذڙيل مالي سال جي ساڳئي مُدي جي 893 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 80.9 سيڪڙو گهٽ آهي. مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 350.3 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 225.2 ملين ڊالرن يج ڀيٽ ۾ 55.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. آگسٽ ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي کاتن جو توازن 75 ملين ڊالر فاضل رڪارڊ ڪيو ويو. مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 453.2 ملين ڊالر رهيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي جي 252 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 79.9 کان وڌيڪ آهي. انگن اکرن مطابق 20 سيپٽمبر 2023ع تي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 13.079 رڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو 20 سيپٽمبر 24ع تي 14.873 ارب ڊالر هو. گذريل سال 30 سيپٽمبر تي ايڪسچيج ريٽ 293.89 رپيا هو جيڪو هلندڙ سال 20 سيپٽمبر تي 277.84 رپيا رهيو. جولاءِ ۾ ايف بي آر جي اوڳاڙين جو ڳاڻيٽو 1.456 کرب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي جي 1.207 کرب رپين جي ڀيٽ ۾ 20.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي خساري جو ڳاڻيٽو جولاءِ ۾ 387.8 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 225.3 ارب رپيا هو. پرائمري بيلنس جو ڳاڻيٽو 107.1 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 311.2 ارب رپيا هو. پرائمري خساري ۾ 65.6 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ناڻي وزارت موجب 12 سيپٽمبر تي پاليسي ريٽ 17.5 سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال 22 سيڪڙو جي سطح تي هو. آگسٽ ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو اهڃاڻ 9.6 سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال آگسٽ ۾ 27.4 سيڪڙو هئي. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ صارفين لاءِ قيمتن جا اهڃان 10.4 سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڪيا ويا جيڪي مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 27.8 سيڪڙو جي سطح تي هئا. جولاءِ دوران وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 2.4 سيڪڙو جي اؤسر جي شرح سان ٿي. گذريل سال جولاءِ ۾ اها شرح ڪاٽو 5.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ناڻي وزارت موجب 26 سيپٽمبر تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو انڊيڪس 81658 پوائنٽس جي بلند سطح تي رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل سال 45889 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو. 26 سيپٽمبر تي مارڪيٽ ڪيپيٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 38.56 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال 23.23 ارب ڊالر هو. نين ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ 66 سيڪڙو جي اؤسر ڏسڻ ۾ آئي آهي.

مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں