GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

وزيراعظم پاران بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۾ شفافيت آڻڻ، صوبي ۾ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي قام ڪرڻ، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 5 لک خاندانن جي لاءِ 10 ارب رپين جي مالي معاونت ۽ نوجوانن جي لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم جو اعلان

image

ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۾ شفافيت آڻڻ، صوبي ۾ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي قام ڪرڻ، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 5 لک خاندانن جي لاءِ 10 ارب رپين جي مالي معاونت ۽ نوجوانن جي لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم جو اعلان ڪندي چيو آهي ته بنيادي سهولتن جي عدم فراهمي سان بلوچستان ٻين صوبن کان پٺتي رهجي ويو آهي، اختلافن کي مٿانهون رکي بلوچستان ۽ پاڪستان جي لاءِ متحد ٿيڻو پوندو، ترقياتي منصوبن ۾ سستي کي برداشت نه ڪيو ويندو، گم ٿيل ماڻهن جو معاملو قانون ۽ ميرٽ موجب حل ڪيو ويندو، گڏيل اتحاد ۽ يڪجهتي سان دهشتگردي کي شڪست ڏينداسين، ڪراچي ڪوئيٽا چمن رستو هاڻي خوني رستو نه ترقي ۽ خوشحالي جو رستو بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خضدار ڪچلاڪ قومي رستي اين اي 25 جي سيڪشن ون ۽ ٽو جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وقتي گورنر جان محمد جمالي، وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات وارو وفاقي وزير اسعد محمود، هائوسنگ ۽ تعميرات وارو وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگٽي، بلوچستان نيشنل پارٽي جو سربراهه اختر مينگل، پارليامينٽ ميمبر، صوبائي وزير، اسيمبلي ميمبر، اڳواڻ ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ جو ڏينهن سندس لاءِ وڏي اهميت رکندڙ آهي، قائداعظم ڪوئيٽا ۾ صوبي جي اڳواڻن جي هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪيو هو ۽ بلوچستان جي سردارن ۽ اڳواڻن پاڪستان ٺاهڻ ۾ سندس ڀرپور ساٿ ڏنو، هي صوبو خودار بلوچن، پختونن ۽ ٻين قومن جو صوبو آهي، آئون قائداعظم جي پيروڪار ۽ خادم پاڪستان طور هتي آيو آهيان، جاگرافيائي لحاظ کان بلوچستان ملڪ جو سڀ کان وڏو پر آبادي جي لحاظ کان سڀ کان ننڍو صوبو آهي، ان کي مختلف چئلينجز درپيش آهن، بنيادي سهولتون نه هجڻ جي برابر آهن، ترقي ۽ خوشحالي جي ڊوڙ ۾ بلوچستان تمام گهڻو پٺتي رهجي ويو آهي پر الله تعاليٰ بلوچستان کي معدني وسيلن سان مالامال ڪيو آهي، سوئي مان نڪرندڙ گئس مان پورو پاڪستان فائدو کڻي رهيو آهي، صوبي جا رهواسي اهڙي طرح فائدو نه کڻي سگهيا جهڙي طرح کڻڻ گهرجي ها، بلوچستان سينڊڪ ۾ تانبي ۽ ريڪوڊڪ ۾ سون ۽ ڪوئلي جي ذخيرن سان گڏوگڏ ٻيون قيمتي معدنيات آهن، بلوچستان ۾ پن بجلي جا منصوبا لڳي سگهن ٿا، ريڪوڊڪ جو معاملو عالمي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ رهيو، اربين رپيا ان تي خرچ ٿيا، اهو اسان جي بحيثيت مجموعي بصيرت ۽ ڪارڪردگي جو امتحان هو جنهن ۾ ماضي ۾ ناڪام ٿياسين ۽ اها اسان جي گڏيل ۽ انفرادي ناڪامي آهي. هن چيو ته ماضي ۾ ڏسڻ ۽ آهه پڪار ڪرڻ بدران ماضي مان سبق سکڻو پوندو، اتحاد ۽ اتفاق سان بلوچستان ۾ ترقي جي سفر کي اڳتي وڌائينداسين. هن چيو ته ماضي ۾ دهشتگردي جي ڪري اسان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو، بلوچ ۽ پختون ڀائرن، مائرن ۽ ٻارڙن کي بربريت جو نشانو بڻايو ويو، پوري ملڪ ۾ دهشتگردي سان تمام گهڻي تباهي ٿي پر ان سان گڏوگڏ قربانين جو به هڪ ڊگهو داستان آهي ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام جي قربانين جي ڪو مثال نه ٿو ملي، صوبي جي عوام پنهنجي پيارن جا روزانو لاش کڻندا رهيا پر ان ۾ ڪا ٻي راءِ نه آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي بهادر هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ بلوچستان جي عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ انهن ان قربانين جي ذريعي دهشتگردي تي ضابطو آندو، تازن ڏينهن ۾ دهشتگردي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنڌ کنيو آهي، ان جا سبب به اسان ڄاڻون ٿا، گڏيل اتحاد ۽ يڪجهتي سان دهشتگردي کي شڪست ڏينداسين، جيڪڏهن قوت ارادي سان فيصلا ڪيا وڃن ته ڪا رڪاوٽ سامهون ناهي بيهندي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان مختلف سببن جي ڪري ترقي جي سفر ۾ پٺتي رهجي ويو آهي، بلوچستان جي محرومين کان ڪير انڪار نه ٿو ڪري سگهي، صوبي ۾ اتر ۽ ڏکڻ بلوچستان جو جيڪو بيانيو آهي ان کي رد ڪرڻو پوندو، جنهن خطي ۾ بنيادي سهولتون ۽ رستا نه آهن اتي اڳتي وڌي مسئلن کي اسان حل ڪنداسين، صوبي جي اڳواڻن، صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين عملدارن سان ڳالهه ٿي آهي، ترقياتي منصوبن ۽ امن امان جو به جائزو ورتو آهي، هتي گم ٿيل ماڻهن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، وڪيلن به اهو معاملو اٿاريو آهي ۽ ترقياتي ڪمن سان گڏوگڏ اهو مسئلو حل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، سردار اختر مينگل به تاڪيد سان ان معاملي جو ذڪر ڪندو رهيو آهي، ان معاملي تي آئون سچي دل سان بااختيار عملدارن سان ڳالهه ڪندس ۽ قانون ۽ ميرٽ تي ان مسئلي کي حل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته خضدار ڪچلاڪ رستي جي تعمير سان ٽريفڪ حادثن ۾ گهٽتائي ايندي، رستي کي خوني رستو چيو وڃي ٿو، روزانو هتي حادثا ٿين ٿا، 330 ڪلوميٽر جي ٻن سيڪشن جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، ان خوني رستي کي خوشحالي ۽ ترقي جو رستو ٺاهڻ ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي، منصوبي جي تعمير ۾ سستي برداشت نه ڪئي ويندي، لسٻيلا کان چمن تائين رستي جومنصوبو گڏ ڪيو ويندو، پهرين مرحلي جي لاءِ فنڊز موجود آهن، ٻئي مرحلي جي پي سي ون جي لاءِ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ هن ڪوئيٽا ايندي اڏام دوران منصوبابندي واري سيڪريٽري کان ان سلسلي ۾ سومر ڏينهن ان کان رپورٽ طلب ڪئي آهي، خضدار ڪچلاڪ منصوبو جلد کان جلد مڪمل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته هن هدايت ڪري ڇڏي آهي ته جيڪڏهن ان منصوبي جي لاءِ پري ڪواليفڪيشن ناهي ٿي ته پوري ڪواليفڪيشن ڪري اهڙن ڪانٽريڪٽرز کي ڪم ڏنو وڃي جيڪي بهتر طريقي سان ڪم ڪن ۽ مواصلات وارو وزير پاڻ ان منصوبي جي نگراني ڪري، ٿرڊ پارٽي آزاداڻي جائزي کي به يقيني بڻايو وڃي ته جيئن منصوبي تي معياري انداز ۾ ڪم ٿئي. وزيراعظم چيو ته منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي 200 ارب رپيا لاڳت ايندي، پهرين سيڪشن جو ٺيڪو 18 ارب رپين ۾ ڏنو ويو آهي، چار لين جو اهو منصوبو آهي، پهرين اهو مڪمل ٿي وڃي ان کانپوءِ جيڪڏهن ڇهن لين تائين اضافو ڪرڻو پيو ته ان جو به جائزو ورتو ويندو، واعدو ڪريان ٿو ته گهٽ ترين وقت ۾ منصوبو مڪمل ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي کان چمن تائين قومي رستي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جو ڪم ڏيڍ سال ۾ مڪمل ڪيو وڃي، اهو هڪ چئلينج آهي، ان لاءِ فنڊز جو انتظام ڪيو ويندو، اسان جي حڪومت جو باقي آئيني مدو به ڏيڍ سال آهي، هي منصوبو تيزي سان مڪمل ڪنداسين، پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ فنڊز جو انتظام ڪري سگهون ٿا ته بلوچستان جي لاءِ ڇو نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته بلوچستان ۾ معدني وسيلن مان پوري طرح فائدو نه کنيو ويو، ريڪوڊڪ منصوبي سان جيڪو ٿيو ان تي ڏک آهي، ٻيون قومون جيڪي اسان کان پٺتي هيون اڳتي نڪري ويون، اسان محنت، امانت ۽ ديانت جي پيغام کي وساري ڇڏيو انهي جي ڪري پٺتي رهجي وياسين. وزيراعظم چيو ته هو بلوچستان جي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ 5 لک خاندانن جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 10 ارب رپيا مالي معاونت جو اعلان ڪري ٿو، پهرين ٽن مهينن ۾ اها مالي معاونت سمورن خاندانن کي ملندي پر ان کانپوءِ جيڪو خاندان به پنهنجي ٻارن ۽ ٻارڙين کي اسڪول نه موڪليندو ان جي لاءِ اها سهولت بند ڪئي ويندي ڇو ته انهن ئي ٻارن کي اڳتي قوم جو معمار بڻجڻو آهي ان لاءِ انهن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت هڪ مخلوط حڪومت آهي، ڪنهن هڪ پارٽي جي حڪومت نه آهي ۽ اتحاد ۾ شامل سمورا اڳواڻ سچي دل سان گڏجي هڪ تاريخ رقم ڪري سگهن ٿا، بلوچستان ۽ پوري ملڪ جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي پروگرام کي اڳتي وڌائينداسين. وزيراعظم چيو ته 2010ع ۾ پنجاب جي بجيٽ مان ڪوئيٽا ۾ دل جي مرض جي اسپتال جي لاءِ 2 ارب رپيا رکيا ويا هئا پر بدقسمتي سان اهي استعمال نه ٿي سگهيا ۽ سياست جي ور چڙهي ويا، اسان کي گهرجي ته گڏجي پاڪستان کي مضبوط بڻايون، اتحاد قائم ڪريون، اختلافن کي دفن ڪري ڇڏيون ۽ پسند ناپسند کان مٿانهون ٿي ڪم ڪريون ته هي قوم هڪ عظيم قوم بڻجي ويندي ۽ ان سان باباءِ قوم محمد علي جناح ۽ ملڪ جي لاءِ قربانيون ڏيندڙ شهيدن جي روحن کي به سڪون ملندو، باوقار قوم وانگر زندهه رهڻو آهي ته پنهنجي پيرن تي بيهي ملڪ کي مضبوط ڪرڻو پوندو ڇو ته بيروزگاري ۽ غربت جي ڪري ڪو ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته ڪوئيٽا ۾ عوام کي سفر جي بهتر ۽ معياري سهولتن جي لاءِ ميٽرو بس سروس جي لاءِ فزيبلٽي تيار ڪئي وڃي، بلوچستان جي هونهار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا ته جيئن انهن جي هٿن ۾ بندوق نه ليپ ٽاپ اچن ۽ اهي پنهنجي خاندانن جي لاءِ پاڻ آمدني ڪمائي سگهن. وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ هڪ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ۽ چيو ته هو پاڻ ان يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي منصوبي جي نگراني ڪندو ۽ اها ملڪ جي سڀ کان بهترين يونيورسٽي هوندي. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف کي پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو روايتي پڳ ٻڌرائي.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں