اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز چيو آهي ته مذهبي اڳواڻ جي ناطي مو??انا فضل الرحمان عالمي و??ا کان بچاءُ جي لاءِ حديث نبوي صه تي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪري ها پر هو ان کي به سياسي رنگ ڏئي رهيو آهي، منهنجي ڀاءُ سميت اسان جي ڀرپاسي ڪورونا وائرس جا مثبت ڪيسز سامهون اچي رهيا آهن، ڪورونا وائرس ذهني بيماري نه پر هڪ وبا آهي جنهن کان بچاءُ صرف ۽ صرف احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري ئي ممڪن آهي، پريس ڪانفرنس جي دوران اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز چيو ته مذهبي اڳواڻ جيڪڏهن علم هجڻ جي باوجود خلاف هلي ته ڳالهه سمجهه کان مٿانهين آهي.