اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد جي علائقي ترنول ۾ 100 بسترن تي ٻڌل پناهگاهه جو افتتاح ڪري ڇڏيو ??هي?? ان موقعي تي وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص مددگ??ر ڊاڪٽر ثانيه نشتر، بيت المال جو ايم ڊي عون عباس بپي ۽ ترڪي جو سفير مصطفيٰ يردا ڪول به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان 2021ع جي پهرين شام ترنول اسلام آباد پناهگاهه ۾ غريب ۽ مس??حق ماڻهن سان گڏ گذاري، وزيراعظم بيت المال واري کاتي ۽ ترڪي جي ثقافت ?? سياحت واري کاتي جي سهڪار سان ترنول اسلام آباد ۾ 100 بسترن تي ٻڌل پناهه گاهه جو افتتاح ڪيو.