غازي بروٿا – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت آب??دگارن جي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي، آب??دگارن سميت عوام کي سستي شمسي توانائي فراهم ڪئي ويندي، حڪومتي قدمن جا ثمر جلد آب??دگارن تائين پهچندا. آب??دگارن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته جعلي زرعي دوائن وارن خلاف ڪريڪ ڊائو?? ڪنداسين. هن چيو ته محنت آب??دگار ڪندو آهي ۽ فائدو مڊل مين کڻندو آهي. اسان مڊل مين جي ڪردار ۾ گهٽتائي ۽ عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته آب??دگارن کي جهڙي اگهه تي جنسون ورتيون وينديون آهن ان کان ڪيتري ئي وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته اسان زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ آب??دگار طبقي جي مدد لاءِ منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، آب??دگارن کي آسان قسطن تي قرض جي فراهمي جو جائزو ورتو پيو وڃي، هن چيو ته ٽيوب ويل کي سولر تي منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ان سان آب??دگارن کي سستي بجلي دستياب ٿيندي.