اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو آهي ته قومي ادارن کي هڪ ٽريلين جو نقصان ٿي رهيو آهي، ان جو ذميوار ڪير آهي، سينيٽر مشاهد الله 1990ع ۾ پي آءِ اي ۾ لوڊر طور ڀرتي ٿيو، ان جهڙا ماڻهو سياست تي ڪارو داغ آهن، ان جي هرنيا جي آپريشن 30 لک رپين جي ٿي جيڪا پي آءِ اي ب??داشت ڪئي، پاڪستان تحريڪ انصاف کي عوام ان لاءِ ووٽ ناهن ڏنا جو هو چورن سان ٺاهه ڪندي وتي، اه??ن ماڻهن کي بي نقاب ڪنداسين. پارليامينٽ هائوس ٻاه??ان سينيٽ ۾ قائد ايوان شبلي فرا??، سينيٽر اعظم سواتي، سينيٽر محسن عزي??، سينيٽر فدا محمد خان سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام تحريڪ انصاف کي احتساب جي نالي تي ووٽ ڏنو.