نيويارڪ – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي دهشتگرد حملو انتهائي ڪڌو فعل هو، ان حملي ۾ دهشتگردن جو واضح مقصد ٻارن کي هدف بڻائي پاڪستاني عوام جا حوصلا پست ڪرڻ هو، تنهن هوندي به اسان جي ٻارن جي قتلام جي صدمي پاڪستاني قوم کي پنهنجي سرزمين تان سڀني دهشتگردن جي خاتمي ج?? لاءِ متحرڪ ڪيو، ٽي ٽي پي ۽ پاڪستان جي خلاف ڪم ڪندڙ ٻين دهشتگرد گروپن جي ٻاهرئين حمايت جا ٺوس ثبوت موجود آهن، پاڪستان ان ڏس ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ دهشتگردي ج?? خاتمو ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي اٺين ورسيءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اها تقريب گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن طرفان ??نعقد ڪئي وئي. پرڏيهي وزير 8 سال اڳ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيندڙ وحشياڻي دهشتگرد حملي ج?? متاثرين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ان تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ان حملي ۾ اسڪول جا 132 ٻار ۽ استاد ۽ عملي جا ميمبر شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، ان حملي ج?? ذميواري نام نهاد تحريڪ طالبان ??اڪستان ??بول ڪئي، جنهن کي سلامتي ڪائونسل ۽ ڪيترن ئي ميمبر ملڪن دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته هي مناسب آهي ته اسان آرمي پبلڪ اسڪول حملي تي گڏيل قومن جي دهشتگردي ج?? خاتمي ج?? آفيس ج?? پروگرام دهشتگردي ج?? متاثرين جي ياد جي هڪ حصي طور منعقد ڪريون. هن چيو ته هي دهشتگرداڻو حملو تمام گهڻو ڪڌو فعل هو ڇو ته دهشتگردن جو واضح مقصد ٻارن کي مارڻ هو، ان ??اءِ اهو ٽارگيٽيڊ حملو هو، جنهن جو مقصد پاڪستاني عوام جي حوصلن کي شديد جهٽڪو پهچائڻ هو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي ٻارن جي قتلام جي صدمي پاڪستاني قوم کي اسان جي سرزمين تان سڀني دهشتگردن جي خاتمي لاءِ متحرڪ ڪيو. اسان جي سرحدن کي ٽي ٽي پي ۽ ان سان ??اڳاپيل دهشتگرد گروپن کان ??اڪ ڪرڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي فوجي آپريشن ڪيو ويو. پاڪستان جو آپريشن ڪامياب رهيو ۽ اسان جي سرزمين دهشتگردن کان ??اڪ ڪئي وئي. هن چيو ته اسان دهشتگردي خلاف وڏي قيمت ادا ڪئي، ان سان 80 هزار شهري ۽ فوجي ماريا ويا يا زخمي ٿيا ۽ معيشت کي 120 بلين ڊالر جو نقصان ??هتو. هن چيو ته بدقسمتي سان ??ي ٽي پي ۽ ٻين ڪجهه دهشتگرد گروهن کي سرحد پار کان ??حفوظ پناهگاهون مليون آهن، جتان ??اڪستان جي فوجي ۽ سويلين هدفن جي خلاف وقت بوقت ۽ ان کان به وڌيڪ حملا ٿيندا رهيا آهن. ٽي ٽي پي ج?? وحشياڻي نوعيت ۽ ان جي اي پي اي?? حملي ۾ ٻارن کي نشانو بڻائڻ ۽ ٻين ڏوهن سميت وڏي پئماني تي ڦاهي ۽ سر قلم ڪرڻ کان به عالمي برادري ج?? ٽي ٽي پي، داعش جهڙن ٻين دهشتگرد تنظيمن سان ??ڙهڻ ۽ انهن کي شڪست ڏيڻ جي عزم کي هٿي ملي. هن چيو ته اسان کي ڳڻتي آهي ته ٽي ٽي پي منتشر ٿيڻ ۽ انضمام جا مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، هن پاڪستان جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان جي خلاف پنهنجي دهشتگرداڻي قدمن کي لڪائڻ جي لاءِ هندستان دهشتگردي جا الزام هڻي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت جي ٻن سالن جي ميمبرشپ دوران اها ڀارتي مهم تيز ٿي وئي هئي. ڀارت ڄاڻي واڻي ممبئي ڪيس کي کليو رکيو آهي ته جيئن ان ??اقعي کي پنهنجي مرضي سان ??يش ڪري سگهجي. اسان گذريل آڪٽوبر ۾ ڀارت ۾ لاڳاپيل سي ٽي سي ج?? خصوصي ميٽنگ ۾ ٻيهر ان ??روپئگنڊه جو مشاهدو ڪيو، ان کانسواءِ ڀارت ايف اي ٽي ايف کي بدنام ڪرڻ ۽ پاڪستان کي نقصان ??هچائڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. هن چيو ته جڏهن پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ??ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته ڀارت سلامتي ڪائونسل ۾ اهڙن ماڻهن کي لسٽ ڪرڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون، جن تي پاڪستان ??هرين ئي پابندي لاڳو ڪري رکي آهي. گذريل ڪجهه مهينن ۾ هندستان ??اڪستان جي خلاف دهشتگرداڻي حملن ۾ ملوث هندستاني شهرين جي فهرست ۾ شامل ٿيڻ جي چئن تجويزن کي روڪي ڇڏيو آهي، جهڙي طرح هن 1373 ڪائونٽر ٽيررازم ڪميٽي (سي ٽي سي) جي پنهنجي چيئرمين شپ ??و غلط استعمال ڪيو آهي. اهڙي طرح هندستان اڄ دهشتگردي تي بحث جي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي صدارت جو فائدو کڻي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪائونسل جي ميمبر ملڪن کي شرڪت جي اجازت ناهي ڏني وئي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪيترن ئي سالن کان ??اڪستان دهشتگردي بابت هندستان جي ٻٽي پاليسي کي بي نقاب ڪيو آهي. ڀارت پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسرين خلاف دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۽ غيرقانوني والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي خلاف رياستي دهشتگردي ۾ ملوث آهي، اهڙي طرح بي ج?? پي، آر اي?? ايس ج?? غنڊن کي سڀني اقليتن خاص طور تي هندستان جي مسلمانن جي خلاف زعفراني دهشتگردي ج?? کليل ڇوٽ ڏنل آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت کي ان جي دهشتگرداڻي قدمن جي لاءِ جوابدار ڄاڻائڻ جي پنهنجي ڪوشش جاري رکندو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي انٽيليجنس اي??نسين وٽ پاڙيسري ملڪن جي اي??نٽن ۽ ڪابل ۾ اڳوڻي حڪومت جي عنصرن طرفان ??ي ٽي پي کي مالي ۽ تنظيمي مدد ۽ هدايتون فراهم ڪرڻ جا ٺوس ثبوت موجود آهن. اسان سيڪريٽري ج??رل ۽ سلامتي ڪائونسل سان ??ڪ جامع ڊوزيئر شيئر ڪيو آهي، جنهن ۾ ٽي ٽي پي ۽ پاڪستان جي خلاف ٿيندڙ ٻين دهشتگرد گروپن جي ٻاهرئين حمايت جا ٺوس ثبوت موجود آهن. هن چيو ته اها پاڪستان جي اميد آهي ته ڪابل ۾ نوان عملدار ٽي ٽي پي کي پاڪستان جي خلاف سرحد پار دهشتگرداڻي حملن کان روڪي سگهندا. جهڙو هنن دوحه معاهدي ۽ ان کانپوءِ جي پاليسي اعلانن ۾ ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، تنهن هوندي به ان ??قصد طرف ڪوششون ناڪام نظر اچن پيون، ائين لڳي پيو ته ٽي ٽي پي ۾ پاڪستان جي خلاف اعلان جنگ ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿيو آهي ۽ هن جا حملا تيز ٿي ويا اهن. هن چيو ته پاڪستان ان ڏس ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ دهشتگردي ج?? خاتمو ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪندو.