اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڀارتي فوج 72 سالن کان انساني حقن جي خلاف ورزين ۾ ملوث آهي، والاريل ڪشمير ۾ 7 ڏهاڪن کان ظلم ۽ ڏاڍ ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀار?? جي غاصباڻي قبضي جي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پ??هن??ي بيان ۾ ڪيو.