اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ??اص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 19 سالن کانپوءِ اٺين متفقه ويج بورڊ جو اعلان ڪري ڇ??يو آهي، صحافتي ادارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ا??رت 17500، ايڊيٽر، اسپيشل گريڊ، ميٽرو پوليٽن، ريجنل ڪيٽيگريز جي پگهارن ۾ 300 سيڪڙو تائين اضافو مقرر ڪيو ويو آهي، وزي??اع??م عمران خان جي ويزن حق حقدار تائين پهچائن جو واعدو پورو ڪيو ويو آهي، اٺين متفقه ويج بورڊ ايوارڊ تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. اهڙو اعلان اطلاعات ۽ نشريات بابت وزي??اع??م جي ??اص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ ويج بورڊ جي چيئرمين (ر) حسنات احمد خان، ويج بورڊ جي ميمبرن محمد نواز رضا، ناصر چشتي، خانزاده شهزاده ذوالفقار، شعيب ??لد??ن، بخت رضا يوسفزئي، صحافتي تنظيمن جي عهديدارن سان گڏ ڪيو.