اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وونئ?? پاڪستان جو اهم ترين فصل آهي جنهن جي پيداوار سان روزگار ۽ معاشي ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا آهن، ملڪي برآمدات جو 60 سيڪڙو حصو ڪپهه ۽ ان جي مصنوعات تي ٻڌل آهي حڪومت ان ڏس ۾ چين جي سهڪار سان ڪپهه سميت ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافي لاءِ ريسرچ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، زرعي دوائن ۽ ٻج جي قسمن ?? ملاوٽ ڪندڙ مافيا جي خلاف سخت قدم کنيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آل پاڪستان ٽيڪسٽائيل ملز ايسوسيئيشن (اپٽما) جي وفد سان اسلام آباد ?? ملاقات دوران ڪيو