اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بجلي ۽ گ??س جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي هوالي سان آئوٽ آف دي باڪس حل ۽ تجويزن تي غور ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ??اضي جي حڪومتن عوام جي قوت برداشت کي نظر ۾ رکڻ کانسواءِ ۽ ملڪي مفادن کي پٺتي رکندي مهانگا ۽ غيرمنطقي معاهدا ۽ انتظام ڪيا جنهن جو نتيجو مهانگي بجلي ۽ گردشي قرض جي صورت ۾ ب??آم?? ٿيا آهن، موجوده حڪومت جي اولين ترجيح عوام خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ۽ غربت جو شڪار ماڻهن ۽ صن??تن جو فروغ آهي ته جيئن معيشت جو ڦيٿو هلي. هن اها ڳالهه بجلي ۽ گ??س جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ گهريلو صارفين ۽ صن??تن کي رليف ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.