اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي اثرن جي ڏس ۾ معاشي پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مزدور طبقي جي ل??ءِ 200 ارب رپيا، معاشري جي انتهائي غريب طبقي جي ل??ءِ 150 ارب رپيا، برآمد ڪندڙن کي فوري 100 ارب رپيا ريفنڊ ڪرڻ، ننڍين، وڏين صنعتن ۽ زراعت جي ل??ءِ 100 ارب رپيا، يوٽيلٽي اسٽورز جي ل??ءِ 50 ارب رپيا، لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ 100 ارب رپيا ۽ ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري جي ل??ءِ 280 ارب رپيا رکيا ويا آهن، هر خاندان کي چار مهينا ماهوار 3 هزار رپيا امداد ڏني ويندي، 300 يونٽ تائين بجلي ۽ گئس جا بل ٽن مهينن جي قسطن ۾ ورتا ويندا، پيٽروليم مصنوعات تي ٽيڪس 15 رپيا گهٽ ??ري رهيا آهيون، دالين س??يت ضرورت جي شين تي ٽيڪسن جي شرح گهٽ ??ري رهيا آهيون، تعميراتي صنعت جي ل??ءِ خاص مراعاتي پئڪيج تيار ??ري رهيا آهيون، ميڊيا ورڪرز جي ل??ءِ به خاص پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن س??نيئر صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.