اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ??رق?? واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته عمران خان 22 سال سياسي جدوجهد ڪرڻ کانپوءِ وزارت عظميٰ تي فائز ٿيو، سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سخت لاڪ ڊائون جي پاليسي ڪامياب نه ٿي سگهي، وزيراعظم عمران خان جي ذاتي دلچسپي سان سرڪاري شعبي جي ??رق??اتي پروگرام ۾ ڏيڍ سئو ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو، هلندڙ سال مارچ تائين اسان جي اوڳاڙين ۾ 17 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو هو، بجيٽ ۾ بلوچستان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ فنڊ رکيا ويا آهن، سکر کان حيدرآباد تائين موٽروي پبلڪ پرائيويٽ پار??نر??پ سان ٺاهي ويندي، ديام??ر ڀاشا، داسو ۽ مهمند ڊيم تي ڪم شروع آهي. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي منصوبابندي ۽ ??رق?? واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته الله تع??ليٰ ڪورونا کان اسان سڀني کي محفوظ رکي، جيڪي ان جو شڪار ٿيا انهن جي مغفرت فرمائي. اهو چيو ويو ته حڪومت جي ناقص پاليسي سان ڪورونا جو ڦهلاءُ ۽ ماڻهو ان جو شڪار ٿ??ا. ??مران خان مخالف ڌر جي اعصاب تي سوار هوندو آهي، ڪورونا 180 ملڪن ۾ آهي ۽ عمران خان جي حڪومت رڳو هتي آهي.