اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي وسيع ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيليڪام شعبي بابت معاملن تي غور ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي وسيع ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيليڪام سيڪٽ?? جي حوالي سان لاڳاپيل اشوز جي حل جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاگردن تائين انٽرنيٽ جي آسان پهچ ۽ سستي پئڪيج جي فراهمي جي حوالي سان پڻ قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي ڪوريج کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان يونيورسل سروس فنڊ (يو ??يس ايف) جي مختلف منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم تعليم جي فروغ جي حوالي سان ٽيلي اسڪولنگ ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي تعليم جي فراهمي جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته نوجوانن جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته انهن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪئي وڃي.