اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڀارت ۾ 2014ع ۾ وزيراعظم نريندر ??ودي جي قيادت ۾ ڀارتي جنتا پارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ سان هيستائين مسلمانن لاءِ خطرن ۾ اضافو ٿيو آهي، مودي جو نظريو نسلي ۽ مذهبي نفرت جي مهم کانسواءِ ڪجهه نه آهي، ڀارتي وزيراعظم جي هندوتوا ۽ فاشزم تي ٻڌل نظريا امن لاءِ خطرو آهن، ڀارتي وزيراعظم کي سمجهڻ گهرجي ته ڀارت ۾ اقليتون مذهبي نفرت کان تحفظ ۽ مذهبي آزادي جو برابر حق رکن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڀارت ۾ اسلامو فوبيه جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ??يو. هن چيو ته نريندر ??ودي فاشسٽ آر ايس ايس جي تربيت يافته هو جيڪو نسلي برتري جي نظريي تي يقين رکي ٿو ۽ هن مسلمانن ۾ خوف پکيڙي پنهنجو ووٽ بئنڪ ۾ وڏي پئماني تي اضافو ڪيو، هن چيو ته اسلامو فوبيا جو تصور هڪ مشڪل حقيقت ره??و آهي تنهن هوندي به تازو ئي ڀارتي وزيراعظم نريندر ??ودي ان کي هڪ هٿيار ط??ر تي استعمال ڪري ره??و آهي جيڪو ان جي سياسي تسلسل جو آئنيدار آهي، 2014ع ۽ 2019ع ۾ چونڊن ۾ هن ڪاميابي حاصل ڪئي جيتوڻيڪ هو 2002ع ۾ گجرات فسادن ۾ اڻ ڳڻين مسلمانن جي وحشياڻي قتل جو ماسٽر مائينڊ هو، ان مان واضح ط??ر تي ظاهر ٿئي ٿو ته ڀارت نام نهاد سيڪيولر رياست مان صرف هندو ملڪ بڻجڻ طرف تيزي سان وڌي ره??و آهي، هن چيو ته مودي کي اسلامو فوبيه بابت پنهنجي ناپاڪ ارادن تي سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي ۽ کيس عالمي امن کي داءُ تي نه لڳائڻ گهرجي.