اسلام آباد – 04 – جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ ۾ اڳتي درآمدي ٻارڻ تي ڪو بجلي گهر نه لڳايو ويندو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا کي هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ نه ٿيڻ گهرجي، بجلي واري وزارت رهتن جي وصولي ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي حوالي سان ڊسڪوز جي تفصيلي ڀيٽ ٻن هفتن ۾ پيش ڪري جنهن کي سامهون رکي صوبائي حڪومتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تعاون سان قدم کنيا ويندا، نئين گئس اسڪيمن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، شمسي توانائي جي ٺوس پاليسي چئن هفتن ۾ اعلان ڪئي ويندي، تربيلا پاور اسٽيشن ۽ ڪي ٽو پاور پلانٽ مان بجلي جي پيداوار وڌڻ سان عيد جي ڏينهن ۾ لوڊشيڊنگ ۾ ريليف ملندو، مختلف منصوبن سان ايندڙ گرمي جي موسم تائين 7 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي، هڪ سال ۾ ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي رهتن جي وصولي ۽ آپريشن بهتر ٿي ويندو، ميٽر ريڊنگ جي شڪايتن جي خاتمي لاءِ هلندڙ سال جي آخر يا ايندڙ سال جي شروع کان رڳو سمارٽ ميٽرز ئي لڳايا ويندا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي بجلي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو ته وفاقي ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سي پيڪ جي 720 ميگاواٽ جي ڪروٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ مان پيداوار شروع ٿي وئي آهي، اپريل 2015ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ان منصوبي جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون هيون ۽ 29 جون کان اهو مڪمل طور تي فعال ٿي ويو آهي، 969 ميگاواٽ جي نيلم جهلم پن بجلي منصوبي مان به گهريلو ۽ صنعتي صارفين کي بجلي ملي رهي آهي، وزيراعظم کي 29 جون تي ڪروٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جو افتتاح ڪرڻو هو پر اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي احترام ۾ هن منصوبي جو افتتاح نه ڪيو ڇو ته موجوده وسيع البنياد جمهوري حڪومت آئين ۽ قانون جي پابندي تي يقين رکي ٿي جڏهن ته عمران خان قانونن جي مسلسل خلاف ورزيون ڪنديو رهيو آهي. هن چيو ته ڪابينا کي ٻڌايو ويو آهي ته 2013ع کان 2018ع تائين مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ جيڪي منصوبا شروع ڪيا ويا هئا انهن مان 4623 ميگاواٽ بجلي ايندڙ گرمي جي موسم کان اڳ سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي جڏهن ته سولر، نيٽ ميٽرنگ ۽ ٻين منصوبن سان مجموعي طور تي ايندڙ گرمي جي موسم تائين 7 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي جنهن سان لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻي سگهبو. هن چيو ته شمسي توانائي جي ٺوس پاليسي آندي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ سرڪاري ۽ نجي عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته ننڍي صارفين کي آسان قرضن تي سولر پينل فراهم ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي، خميس ڏينهن وزيراعظم کي ان سلسلي ۾ بريفنگ ڏني ويندي ۽ چئن هفتن ۾ پاليسي جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته گذريل چئن ڏينهن کان تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي اچڻ ۾ بهتري آئي آهي، عيد کان اڳ تربيلا پاور اسٽيشن پنهنجي مڪمل 3500 ميگاواٽ جي پيداوار شروع ڪري ڇڏيندو جنهن سان لوڊشيڊنگ ۾ نمايان گهٽتائي ٿيندي، ڪي ٽو پاور پلانٽ مان به 1100 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي پئي وڃي جنهن سان عيد جي ڏينهن ۾ لوڊشيڊنگ ۾ وڏو ريليف ملندو. هن چيو ته وزيراعظم ۽ سمورا اتحادي اڳواڻ سنجيدگي سان ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ سمورا اڳواڻ معيشت جي بهتري، جمهوريت جي استحڪام ۽ آئين جي عملداري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري هلي رهيا آهن، ايندڙ چونڊون 2023ع ۾ موجوده پارليامينٽ جو مدو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٿينديون ۽ چونڊون صاف شفاف ٿينديون جنهن سان هڪ خوشحال، مضبوط ۽ جمهوري پاڪستان جو بنياد پوندو. خرم دستگير خان چيو ته غريب ترين صارفين جيڪي 100 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪن ٿا انهن کي ريليف ڏنو پيو وڃي ۽ 100 کان 200 يونٽس تائين جي بجلي صارفين جي لاءِ بجلي مهانگي نه ڪئي ويندي، پهرين ڪيٽيگري جي لاءِ به بجلي جي قيمت ۾ اضافو نه ٿو ڪيو وڃي، ٻي ڪيٽيگري جي صارفين کي به وڌ کان وڌ سبسڊي ڏني ويندي، پنجاب حڪومت به 100 يونٽ تائين جي صارفين کي مفت بجلي فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي ملازمن کي بجلي جي يونٽس جي فراهمي 1960ع جي ڏهاڪي کان هلندي پئي اچي، ان سلسلي ۾ سڌارن جو هڪ پئڪيج تيار ڪيو پيو وڃي ته انهن کي پگهار ۾ بجلي جي مفت فراهمي بدران سهولت ڏني ويندي. هن چيو ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي ڪارڪردگي جي ڀيٽ پيش ڪئي وڃي، بجلي چوري جي روڪٿام ۽ رهتن جي وصولي وڌائڻ جي لاءِ ڊسڪوز جي مئنيجمينٽ کي بهتر بڻايو ويندو ۽ ان جي لاءِ نگراني ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو جنهن سان رهتن جي وصولي ۽ ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي آپريشن ۾ 12 مهينن ۾ نمايان بهتري ايندي. هن چيو ته بجلي جي قيمت جي تعين جي حوالي سان انگن اکرن جو جائزو ورتو پيو وڃي، قيمت ۾ اضافو ٿيندو پر اسان جي پوري ڪوشش آهي ته عوام تي بار ۾ وڌ کان وڌ گهٽتائي آڻي سگهجي، بجلي جي قيمت جي ري بيسنگ جو ڪم انتهائي ضروري آهي، آخري ري بيسنگ فيبروري 2021ع ۾ ٿي هئي، ان کانپوءِ ري بيسنگ نه ڪئي وئي ۽ هاڻي عالمي سطح تي توانائي جون قيمتون به وڌي ويون آهن، ان لاءِ اهو ڪم انتهائي ضروري آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئيسڪو، فيسڪو، گيپڪو، ليسڪو، ميپڪو پنج اهڙيون ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون آهن انهن جو خسارو سراسري گهٽ آهي ۽ ڪجهه ۾ اهو خسارو 10 سيڪڙو کان به گهٽ آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هلندڙ سال جي آخر يا 2023ع جي شروع ۾ لڳندڙ هر نئون ميٽر سمارٽ ميٽر هوندو، ان سان بجلي جي ريڊنگ جي حوالي سان شڪايتون ختم ٿي وينديون. پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ گئس جي قيمت 4 ڊالر هئي ان وقت گئس نه خريد ڪئي وئي، اڄ قيمت 40 ڊالر تائين پهچي وئي آهي، مهانگي گئس به اڄ نه ملي رهي آهي، ٽرمينلز موجود آهن، گئس کي ري گيسي فائي ڪرڻ جو معاهدو به موجود آهي پر اڳوڻي حڪومت گئس نه خريد ڪئي، گذريل ساالن ۾ 170 ارب رپين جي ايل اين جي خريد ڪري گهريلو صارفين کي ڏني وئي، 4 هزار جي ايل اين جي خريد ڪري 400 کان 500 رپين ۾ ڪنهن ملڪ ۾ وڪرو نه ٿي ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان ايل اين جي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مختلف ملڪن سان رابطو ڪري رهيا آهيون، ايس اين جي پي ايل کي 1170 ايم ايم سي ايف ڊي گئس جي ضرورت آهي پر رڳو 670 ايم ايم سي ايف ڊي گئس دستياب آهي، اڳوڻي حڪومت رڳو پڪڙ ڌڪڙ ۽ انتقام جي پاليسي اختيار ڪئي، موجوده حڪومت ملڪ جي بهتري لاءِ سخت فيصلا ڪري رهي آهي، اسان سياسي قيمت ادا ڪنداسين پر ملڪ کي سنواري وينداسين. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ته ڪابينا ۾ سڄي ملڪ ۾ ماڻهن جي شديد گرمي ۾ لوڊشيڊنگ ۾ اضافي سان ٿيندڙ تڪليف تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسان کي احساس آهي ته شديد ترين گرمي ۾ انتها جي لوڊشيڊنگ آهي، اهو سلسلو اڃا به جاري آهي جڏهن ته هاڻي برسات جي موسم جي ڪري ان ۾ بهتري آئي آهي، حڪومت ڄاڻي ٿي ته هو جيڪي مشڪل فيصلا ڪري رهي آهي ان جا سياسي اثر ضرور پوندا. هن چيو ته ڪجهه شيون اسان جي هٿ ۾ هيون ۽ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو، روس ۽ يوڪرين جي جنگ ۾ ڊيگهه جنهن جي نتيجي ۾ عالمي منڊي ۾ گئس جي شديد کوٽ ۽ قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان دنيا ۾ ڪٿي به اڳڪٿي نه هئي، انهن حالتن جي ڪري به ۽ ڪجهه گذريل حڪومت پاران وقت سر ۽ صحيح فيصلا نه ڪرڻ جي ڪري اسان جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته اسان اهو نه ٿا چئون ته سمورا مسئلا انهن جي ڪري آهن، عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌي ويون آهن پر انهن پنهنجي نالائقي ۽ نااهلي سان جيڪا تباهي ڦيري آهي ان جي ڪري مسئلا پيدا ٿيا، بجلي جا ڪارخانا فوري طور تي نه ٿا لڳي سگهن، وڌ کان وڌ اهو ڪري سگهون ٿا ته اهي ڪارخانا جيڪي انتهائي پراڻا آهن ۽ انهن مان تمام مهانگي بجلي پيدا ٿئي ٿي ۽ پاڪستان ۾ 1500 ميگاواٽ جا اهڙا ڪارخانا آهن جن مان بجلي پيدا ڪرڻ تي 60 رپيا في يونٽ لاڳت اچي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو ته ان کان به مهانگي بجلي پيدا ٿيندي، اسان کي اهي به ڪارخانا هلائڻا پيا، ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته قوم کي هڪ ڪوڙ جو خواب ڏيکاريو ويو ته اسان وٽ انسٽال ڪيپيسٽي 40 هزار ميگاواٽ آهي. هن چيو ته اسان جيڪي انگ اکر ڏئي رهيا آهيون اهي ميڊيا ۽ اسان جي مخالفن وٽ به موجود آهن، ڪير انهن انگن اکرن کي چئلينج ڪرڻ چاهي ٿو ته چئلينج ڪري. هن چيو ته اسان وٽ اڄ جي ڏينهن 60 رپيا في يونٽ واري 1500 ميگاواٽ شامل ڪري 25 هزار ميگاواٽ بجلي دستياب آهي جڏهن ته حقيقت ۾ هن وقت اسان وٽ 24 هزار ميگاواٽ بجلي آهي جڏهن ته طلب 30 هزار جي لڳ ڀڳ آهي جنهن جي ڪري لوڊشيدنگ آهي. هن چيو ته اها هڪ حقيقت آهي ته بجلي مفت ۾ نه ٿي ملي، جن علائقن ۾ وڌيڪ لائين لاسز يا بجلي چوري آهي اتي وڌيڪ لوڊشيدنگ ٿئي ٿي، جتي بجلي چوري ۽ لائين لاسز گهٽ آهن ۽ وصوليون وڌيڪ آهن اتي لوڊشيڊنگ گهٽ ٿئي ٿي، اها مشڪل ڳالهه آهي ۽ جڏهن اها ڳالهه چئي وڃي ٿي ته اسان اداري تي الزام هڻون ٿا پر اهو اسان جي سماج جو به الميو آهي ته ڪجهه علائقن مان لوڊشيڊنگ جي حوالي سان خبر اچي ٿي ته اتي 16 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ آهي، اهڙن علائقن ۾ لائين لاسز 80 سيڪڙو کان به وڌيڪ هوندا آهن ۽ جن فيڊرز جا اهي لائين لاسز هجن انهن کي هلائڻ مشڪل ڪم آهي، ان جي قيمت جتي لائين لاسز نه آهي اهي ادا ڪن ٿا. هن چيو ته هن سال 1072 ارب رپيا سبسڊي لائين لاسز يا ريليف جي ٻين مدن ۾ ڏني وئي، ان جي باوجود 283 ارب رپين جو سرڪلرڊيٽ پيل آهي، اها ڳالهه اسان جي اختيار ۾ نه آهي، اسان چاهيون ٿا ته قوم کي ان کان آگاهه ڪيو وڃي، ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته گذريل حڪومت مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي بجلي پيدا ڪرڻ جا ڪارخانا لڳائڻ طرف ڌيان نه ڏنو، پي ٽي آءِ حڪومت مسلم ليگ (ن) ۽ اسان جي حڪومت جي خلاف تمام گهڻي پروپئگنڊه ڪئي پر پنهنجي دور ۾ ڪارخانا نه لڳائي مجرماڻي غفلت ڪئي، اڄ نيوڪليئر پاور، پن بجلي، ونڊ سميت سمورا ڪارخانا هلايا وڃن ۽ پوءِ به اسان طلب پوري نه ڪري سگهون ته ان جي ذميواري موجوده حڪومت تي نه ٿي وجهي سگهجي، ٻن مهينن ۾ ته اها صورتحال پيدا نه ٿي. هن چيو ته ڪجهه منصوبا انهن جي غفلت جي ڪري وقت سر مڪمل نه ٿي سگهيا، جيڪڏهن اهي مڪمل ٿي وڃن ها ته اڄ صورتحال ايتري ڳنڀير نه هجي ها، لوڊشيڊنگ کان شايد اسان پوءِ به مستثنيٰ نه هجون ها جڏهن ته هڪ اڌ ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ٿئي ها، پنجاب ٿر ڪول منصوبي ۾ 26 مهينا دير ڪئي وئي، اهو هاڻي هلندڙ مهيني مڪمل ڪرڻ جي اميد آهي، 1263 ميگاواٽ جو اهو منصوبو هڪ سال اڳ به مڪمل ٿئي ها ته بدترين لوڊشيڊنگ نه ٿئي ها. هن چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ اهو فيصلو ٿيو آهي ته اڳتي ٻاهر جي فيول سان هلندڙ ڪو نئون منصوبو نه لڳائينداسين، هاڻي رڳو اندرون ملڪ فيول رکندڙ منصوبا هنيا ويندا، نووا انرجي جي 300 ميگاواٽ جي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ ۾ 17 مهينا دير ٿي، اهو هاڻي ڊسمبر 2022ع ۾ مڪمل ٿيندو، شنگهائي اليڪٽرڪ جو منصوبو به دير جو شڪار ٿيو، ڪروٽ جي منصوبي تي وزيراعظم شهباز شريف ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو، وزيراعظم پاڻ ان منصوبي جي پٺيان لڳل آهي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ ۾ تيزي سان چار ارب رپين جي بچت ٿي، هي اهي منصوبا آهن جيڪي 2021ع ۾ مڪمل ٿيڻا هئا، اهي اٽڪل 3963 ميگاواٽ جا منصوبا هئا، جيڪڏهن اسان ان جو ذميوار گذريل حڪومت کي قرار ڏيون ته اهي ان تي گوڙ ڪن ٿا ته انهن کي ان جو ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي، جيتري دير ان حڪومت ڪئي ايتري مدي ۾ مسلم ليگ (ن) پنهنجي حڪومت جي دور ۾ بجلي جا نوان منصوبا لڳايا، پنجاب ۾ ان وقت جي وڏي وزير شهباز شريف 26 مهينن ۾ منصوبا مڪمل ڪيا جيتري ان حڪومت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ دير ڪئي، اها ڪارڪردگي آهي جنهن جو اسان بار بار ذڪر ڪريون ٿا. هن چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم سموريون ڳالهيون ٻڌي ٽاسڪ فورس ۽ ڪميٽيون ٺاهي چيو ته هڪ هفتي ۾ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان ٺوس قدم کنيا وڃن. هن چيو ته برسات جي ڪري دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو بهتر ٿيو آهي جنهن سان 2 هزار ميگاواٽ پن بجلي اضافي هن هفتي جي آخر تائين دستياب هوندي، ان سان لوڊشيڊنگ گهٽ ٿيندي، ڪابينا جي اجلاس ۾ بجلي واري وزارت پاران ٻڌايو ويو ته ڪجهه علائقن ۾ چار ڪلاڪ، ڪجهه ۾ ڇهه ۽ ڪجهه ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آهي، وزيراعظم حڪم ڏنو ته ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ نه ٿيڻ گهرجي، ان کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ برداشت نه ڪئي ويندي، اهو وزارت جو امتحان آهي، الله کان دعا آهي ته برسات ايتري ٿئي جو ان سان ٻوڏ نه اچي ۽ اسان جا درياءَ ڀريل رهن ته جيئن ماڻهن جي زندگين ۾ آساني آڻي سگهون، پاڪستان جي عوام کي رڳو ايترو چوڻ چاهيان ٿو ته هي جيڪي سڀ فيصلا اسان ڪري رهيا آهيون ته اهي خوشي جا فيصلا نه آهن، انهن فيصلن سان توهان کي ناراض به ٿيڻو آهي، گذريل حڪومت اهي فيصلا ان لاءِ نه ڪري سگهي ته ان کي ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ سياسي نقصان گواره نه هو، اسان اهو سوچي فيصلا ڪيا ته پنهنجو سياسي نقصان ۽ پاڪستان جي نقصان مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي هئي اسان پنهنجو سياسي نقصان ڪري پاڪستان جي مفاد ۾ فيصلا ڪيا ڇو ته جيڪو نقصان ٿي رهيو هو جيڪڏهن اهو اهڙي طرح ٿيندو رهي ها ته اهو ناقابل تلافي نقصان هجي ها، اسان عوام آڏو سڄي صورتحال رکي آهي، اسان مشڪل فيصلا ڪري پنهنجو پاڻ کي رسڪ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان کي اميد آهي ته اڳتي صورتحال بهتر رهندي.